ڪراچي جو اهم ترين روڊ بند ڇو رهيو؟

0
85

ڪراچي ۾ جاري دفاعي نمائش آئڊياز 2022 جي پڄاڻي کانپوءِ اهم ترين روڊ رات 12هين کان صبح تائين بند رهندو، سيڪيورٽي سببن ۽ اهم چرپر سبب شاهراهه فيصل ۽ ڪارساز روڊ اڄ رات 12 وڳي کان صبح تائين بند رهندو.

ٽريفڪ پوليس موجب آئڊياز 2022 جي سيڪيورٽي ٽريفڪ موومينٽ ڊيوٽي سبب اڄ رات 12 وڳي کان صبح 4 وڳي تائين شهر جو مک روڊ شاهراهه فيصل فلاءِ اوور کان ڊرگ روڊ تائين، ڊرگ روڊ ۽ ڪارساز روڊ ۽ سر شاهه سلمان روڊ حسن اسڪوائر تائين ٻنهي پاسن کان هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ عارضي طور بند هوندو.

پوليس موجب ان دوران ڊفينس، ڪلفٽن ۽ صدر کان ايئرپورٽ ويندڙ شهري يونيورسٽي روڊ يا ڪورنگي روڊ جو رستو اختيار ڪري سگهن ٿا.ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته رستا صبح تائين کوليا ويندا، وڌيڪ ڄاڻ يا ڪنهن مسئلي جي صورت ۾ شهري ٽريفڪ پوليس هيلپ لائن 1915 تي ڪال ڪري ٿا سگهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here