سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان جلد پاڻي نيڪال ڪيو وڃي:سيد مراد علي شاهه

0
87

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، وڏي وزير مراد علي شاھ ھدايتون ڪيون تھ سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان جلد پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ جلد قدم کنيا وڃن

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪابينا اجلاس دوران مراد علي شاھ پاران ڪابينا کي ھدايتون جاري ڪيون ويون

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي وزيرن کانسواءِ صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ واڳيل عملدارن شرڪت ڪئي، 19 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت جو طريقيڪار آخري مرحلن ۾ آهي، پ پ چيئرمين جي هدايت تي آبادگارن کي ٻج ڏيڻ لاءِ في ايڪڙ تي 5 هزار رپيا جلد ڏيڻ شروع ڪيا ويندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here