عمران خان ذاتي مقصدن لاءِ توشه خانه جي ضابطن کي تبديل ڪرايو: خواجه آصف

0
76

بچاءَ جي وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان ذاتي مقصدن لاءِ توشه خانه جي ضابطن کي تبديل ڪرايو

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران خواجه آصف چيو ته عمران خان تي حملي جو ڪيس داخل نٿو ٿئي ته وفاق جو ڪهڙو ڏوهه؟ حملو پنجاب جي حدن ۾ ٿيو ۽ ڪيس به اُتي داخل ٿيندو، عمران خان کي پرويز الاهي کان پُڇاڻو ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته  گهڙي چوري واري معاملي کي انجام تي پهچائينداسين، عمران خان سعودي ولي عهد طرفان تحفي طور ڏنل گهڙي به دبئي وڪرو ڪري ڇڏي

 هر معاملي ۾ فرح گوگي جو نالو ڇو ايندو آهي؟ اهو ٻڌائڻو پوندو ته فرح گوگي جو عمران خان سان ڪهڙو واسطو آهي؟

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here