حڪومت جو پيٽروليم اسمن جون هاڻوڪيون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو

0
97

پيٽروليم اسمن جون هاڻوڪيون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار موجب، پيٽروليم اسمن جون هاڻوڪيون قيمتون 31 آڪٽوبر تائين برقرار رهنديون، اوگرا سمري ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي جي سفارش ڪئي هُئي، سمري ۾ ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل آئل جون قيمتون وڌائڻ جو ذڪر هو، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته هُن اوگرا جي سمري تي وزير اعظم سان به ڳالهه ڪئي آهي، وزير اعظم جي اجازت ۽ مشوري کانپوءِ قيمتن ۾ ڪابه تبديلي نه پئي ڪئي وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here