سنڌ اسيمبلي ۾ فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو تڪڙو ٻڌائڻ جو ٺهراءُ منظور

0
111

سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو تڪڙو ٻڌائڻ جي مطالبي وارو ٺهراءُ گڏيل راءِ سان منظور، صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته هلٽر جيان عمران خان به ذهني بيماري جو شڪار آهي، جيڪڏهن ملڪ کي هلائڻو آهي ته هن بيمار شخص مان جان ڇڏائڻ گهرجي ۽ فوري طور تي فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ گهرجي،سعيد غني چيو آهي ته ڀارت ۽ اسرائيل ڪهڙي مقصد لاءِ پي ٽي آءِ کي پيسا ڏنا، اهو معاملو قوم جي سامهون اچڻ گهرجي، اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر جو مائيڪ بند ڪرڻ تي مخالف ڌر جي ميمبرن جو احتجاج، اسپيڪر جو ڊائيس جو گهيراءَ، واڪ آئوٽ

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here