پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ترڪ هم منصب سان هڪ مهيني ۾ ٻي ملاقات

0
91

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ترڪ هم منصب سان هڪ مهيني ۾ ٻي ملاقات ڪري خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ترڪ پرڏيهي وزير ميولت چاوش اوگلو بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ ڊنر جي ميزباني ڪئي. ترڪي جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ ترڪ ٻنهي ملڪن جا ٻه طرفا لاڳاپا پيار ۽ محبت تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ ترڪي جو عوام هڪ ٻئي سان پيار ڪري ٿو.پاڪستان جي پرڏيهي آفيس موجب ترڪ پرڏيهي وزير ۽ بلاول ڀٽو ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ جاري تعاون جو جائزو پڻ ورتو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here