وزير اعظم پاران لگزري ۽ غير ضروري شيون ٻاهران گهرائڻ تي پابندي لاڳو

0
84

وزير اعظم شهباز شريف لگزري ۽ غير ضروري شيون ٻاهران گهرائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، ذريعن موجب وزير اعظم اهڙيون لگزري ۽ غير ضروري شيون ٻاهران گهرائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان عام واهپي جي زندگي تي ڪو فرق نه ٿو پوي، لگزري گاڏين، ڪاسميٽڪس سميت ٻين غير ضروري شين جي امپورٽ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب واپاري خساري جي فرق سبب لگزري شين جي ٻاهران گهرائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، جنهن سان رُپئي جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي نه ايندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here