شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ جي ٻه ڏينهن بعد ڪراچي جو دورو ڪري مزار قائد تي حاضري ڀري وزيراعظم جي ڪراچي جي دوري دوران خاتون اول تهمينه ُدراني به شهر قائد ۾ موجود هئي، پر ڪراچي ۾ هجڻ باوجود هُو وزيراعظم سان گڏ ڇو نه هئي؟خاتول اول خدمت خلق، پاڪستان ۽ دنيا جي مشهور شخصيت عبدالستار ايڌي جي قبر تي فاتحه پڙهڻ واري تصوير ٽوئٽر تي شيئر ڪري ڇڏيهن خاتون اول جي عهدي تي فائز ٿيڻ بعد پهرين پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته وزير اعظم شهباز شريف باني پاڪستان جي مزار تي حاضري ڀري، جڏهن ته هو ۽ صبا، سعد ايڌي سان گڏجي عبدالستار ايڌي کي سندس زندگي ۾ ڪيل اڻٿڪ ڪوششن تي سلام پيش ڪرڻ وئي هئي