آمريڪا ۾ برف باري جو بدترين طوفان، مختلف حادثن ۾ 70 ڄڻا فوت

0
138

آمريڪا ۾ تيز هوائن ۽ سخت برف باري سبب زندگي جو نظام مفلوج بڻجي وئي مختلف حادثن سبب  فوتين جو انگ وڌي 70 ٿي ويو

آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ برف باري جي بدترين برف باري سبب فوتين جو انگ وڌي 70 ٿي ويو، نيو يارڪ رياست جي اري ۽ نيا گيرا ڪائونٽيز ۾ 34 ڄڻا فوت ٿيا آهن

نيو يارڪ جي شهر بفلو ۾ اڄ به ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اولهه وارا علائقن ۾ 4  فوٽ برف ڄمي ويو آهي جڏهن خراب موسم سبب آمريڪا ۾ هڪ لک ٻاويهه هزار گهرن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي

آمريڪي ميديا موجب نيو يارڪ جي مغربي علائقن ۾ اڄ وڌيڪ 9 انچ برف باري جو امڪان آهي، جڏهن اڄ کان منفي 2 کان منفي 6 ڊگري رهڻ جو امڪان آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here