اليڪشن جي ڳالهه ٿيندي ته ڳالهه ٻولهه جي ٽيبل تي ويهنداسين:پرويز خٽڪ

0
103

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳوان اڳوڻي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اليڪشن جي ڳالهه ٿيندي ته ڳالهه ٻولهه جي ٽيبل تي ويهنداسين

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ملاقات بعد ڳالهه ٻولهه ڪندي پرويز خٽڪ جو چوڻ آهي ته حڪومت سان فلحال ڪنهن به سطح تي ڪا به ڳالهه ٻوله نه ٿي رهي آهي

پرويز خٽڪ چيو ته ڪهڙي اسيمبلي پهريون ٽوڙڻي آهي اهو فيصلو عمران خان ڪندو، تحريڪ انصاف هر وقت اليڪشن لاءِ تيار آهي، هن چيو ته پرويز الاهي سان ملاقات ٿي آهي، هو سمورا وعدا پورا ڪندو

اڳوڻي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته وڏو وزير اسان سان گڏ آهي، اسيمبلي ٽوڙينداسين، پارٽي ۾ ڪو به اختلاف ناهي، سڀ عمران خان سان گڏ بيٺا آهن

پرويز خٽڪ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪي پي ڪي ۾ ميمبرن جي ناراضگي جون خبرون ڪوڙيون آهن، پنجاب ۾ به سڀ ميمبر چيئرمين عمران خان جي بيانيي سان گڏ آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here