پ پ آمرن کي شڪست ڏئي جمهوريت بحال ڪرائي، ملڪ جا فيصلا پارليامينٽ ڪندي: آصف زرداري

0
125

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سمورن ملڪي معاملن جا فيصلا عوام جي چونڊيل پارليامينٽ ڪندي، پيپلز پارٽيءَ ٽن آمرن کي شڪست ڏئي جمهوريت کي سوڀارو ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهيءَ جي تختي تي به وڏي شان سان ويو ۽ هميشه لاءِ تاريخ ساز بڻجي ويو،

پيپلزپارٽي جي يوم ياسيس جي موقعي تي جاري ڪيل بيان پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو هڪ عورت هوندي اقتدار تي قابض وحشي ۽ سفاڪ ٽولي خلاف مزاحمت ڪئي، هوءَ هٿين خالي هئي پر سندس جمهوري جدوجهد طاقتور آمرن جي بتن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو،

آصف علي زرداري چيو ته اڄوڪي ڏهاڙي تي وچن جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته قائد عوام ڀٽو شهيد جي فلسفي تي عمل ڪندي بينظير ڀٽو شهيد جي هر خواب کي حقيقيت بڻائينداسين.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here