ڪراچي ۾دوستي نه رکڻ تان جوابدار جو حملو، ناري زخمي

0
57

ڪراچي ناظم آباد واري علائقي ۾ تشدد جي واقعي ۾ تيز ڌار اوزار سان ناري سخت زخمي ٿي پئيي

ايڌي فائونڊيشن جي ترجمان موجب هي واقعو پاپوش نگر ۾ چاندني چوڪ ڀرسان پيش آيو، 18 ورهين جي اواب يوسف کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو

ڊي ايس پي ناظم آباد سلمان وحيد موجب واقعي ذاتي دشمني جو نتيجو آهي، هن بڌايو ته واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار اسامه کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڇري به هٿ ڪئي وئي

ڊي ايس پي سلمان وحيد موجب واقعو مبينا طور تي محبت ۾ ناڪامي جو نتيجو آهي، جوابدار هڪ رٽائرڊ ۽ مرحوم پوليس انسپيڪٽر احمد علي جو پٽ آهي، جنهن بيان ڏنو ته ناري سان سندس دوستي رهي آهي پر هاڻوڪي ڏهاڙن ۾ مبينا طور ناري رابطو ختم ڪيو هو جنهن سان دلبرداشتا ٿي کيس جان سان مارڻ جي ڪوشش ڪئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here