اطلاعات جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بجلي گهر ٿرڪول بلاڪ 2 تي سنڌ اينگرو ۽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي، ٿرڪول بلاڪ 2 جي پهرين مرحلي ۾ 3.8ميٽرڪ ٽن ساليانو ڪوئلي جي پيداوار حاصل ڪئي وئي، ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 7.8ميٽرڪ ٽن سالياني پيداوار جو ٽارگيٽ حاصل ڪيو ويو، شرجيل ميمڻ موجب، ٽئين مرحلي ۾ ڪوئلي جي پيداوار 2025تائين 15.2کان 22 ميٽرڪ ٽن تائين ساليانو پيداوار وڌائڻ لاءِ اڀياس مڪمل ڪئي وئي آهي، ٽئين مرحلي ۾ ٿربلاڪ 2 جي منصوبي تحت پاور ڪمپني 330 ميگاواٽ پاور پلانٽس لڳائيندي