آرمي چيف جون آمريڪي دفاع واري وزير ۽ ٻين اختيارين سان ملاقاتون

0
68

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جون آمريڪي دوري دوران آمريڪي دفاع واري واري وزير لائيڊ آسٽن، آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار جيڪ سليوان ۽ نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمين سان ملاقاتون، پاڪ فوج جي ترجمان موجب، ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري ذريعي گڏيل سهڪار بهتر بڻائڻ تي ڳالهيون ٿيون، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو، آرمي چيف آمريڪي اختيارين جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته عالمي شراڪت ادارن جي مدد پاڪستان مان ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ تمام اهم هوندي، آءِ ايس پي آر موجب، آمريڪي اڳواڻ سان ملاقات دوران آرمي چيف فلوريڊا ۾ طوفان سبب 2تباهي تي به افسوس جو اظهار ڪيو، آرمي چيف چيو ته پاڪستان متاثر خاندانن جي نقصان ۽ ڏُک کي چڱي ريت سمجهي سگهي ٿو، پاڪستان به موسمياتي تبديلي جي اهڙن اثرن جو شڪار آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here