سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، اين ايف آر سي سي موجب ٻوڏ سبب انفرا اسٽرڪچر کي وڌيڪ نقصان جو سلسلو رڪجي ويو آهي، دادو جو ٻوڏ کان متاثر انڊس هاءِ وي اين 55 هڪ مهينو گذرڻ باوجود اچ وڃ لاءِ کلي نه سگهيو، 50 کان وڌيڪ روڊ رستا پاڻي هيٺ آيل، شھدادڪوٽ کان قمبر ويندڙ روڊ تي ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن، خيمه، دوائون ۽ پاڻي ڏيڻ جو مطالبو، ڪڪڙ ۾ ٻوڏ متاثرن پاران واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، جوهي جو به ٻين علائقن سان زميني رستو بحال نه ٿي سگهيو، شهري ٻيڙين تي ڳرا ڀاڙا ڀري اچ وڃ تي مجبور