سنڌ حڪومت پاران امدادي ڪارروايون جاري آهن، 24 ڪلاڪن دوران 68 هزار 900 خاندانن کي راشن بيگ ڏنا ويا:شرجيل انعام ميمڻ

0
93

اطلاعات کاتي ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران امدادي ڪارروايون جاري آهن، 24 ڪلاڪن دوران 68 هزار 900 خاندانن کي راشن بيگ ڏنا ويا. سنڌ ۾ مجموعي طور 11 لک 44 هزار 8 سئو هڪ خاندانن ۾ راشن بيگ ورهايا ويا آهن،.متاثرن کي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 8 هزار 2 سئو 28 خيما، 26 هزار 7 سئو 41 مڇر دانيون ۽ 4 هزار سولر لائٽس فراهم ڪيون ويون آهن.متاثرن کي مجموعي طور 3 لک 79 هزار 131 خيما، 4 لک 4 هزار 684 مڇر دانيون، 7 لک 82 هزار 388 منرل واٽر جون بوتلون، 14 هزار 5 بيڊ شيٽس، 7 هزار فرسٽ ايڊ ڪٽس، 96 هزار 469 سليپنگ مَيٽس، 52 هزار 266 ڪچن سيٽ ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. ٻوڏ ۽ برساتن سبب 759 قيمتون جانيون ضايع ٿي ويون ۽ 8 هزار 422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.ٻوڏ ۽ برسات جي تباهڪارين سبب 4 لک 34 هزار 238 چوپايو مال به مري ويو آهي .تباهڪارين سبب 22 لک 89 هزار 194 ڪٽنب متاثر ۽ 73 لک 25 هزار 575 ماڻهو بي گهر ٿيا.ڪراچي ڊويزن ۾ 16 هزار 128 ماڻهو ريليف ڪيمپن ۾ ترسيل آهن، حيدرآباد ۾ 80 هزار 122 ماڻهو سکر ۾ 50 هزار 624 ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 56 هزار 164 ماڻهو ريليف ڪيمپن ۾ ترسيل آهن، ضلعي انتظاميا پاران ريليف ڪيمپن ۾ ترسيل ماڻهن راشن ۽ ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ جو به سلسلو جاري آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here