روس يوڪرين جا 4 علائقا ضم ڪرڻ خلاف سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل آمريڪي ٺهراءُ ويٽو ڪري ڇڏيو سلامتي ڪائونسل ۾آمريڪا پاران پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ روسي قدم جي مذمت ۽ يوڪرين بابت روس جي قدمن کي تسليم نه ڪرڻ تي زور ڏنو ويو هو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٺهراءُ ۾ 24 فيبروري تائين يوڪرين کان روسي فوج جي نيڪالي جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي . واضح رهي ته ان کان اڳ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن يوڪرين جا 4 علائقا روس ۾ ضم ڪرڻ جو باضابطه اعلان ڪيو هو