سپريم ڪورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي قومي اسيمبلي ۾ وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

0
111

سپريم ڪورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي قومي اسيمبلي ۾ وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز جي استعيفائن جي مرحليوار منظوري خلاف درخواست تي ٻڌڻي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني ٻينچ ٻڌڻي ڪئي، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته استعيفائن جي مرحلي وار منظوري بابت هاءِ ڪورٽ جو حڪم واضح آهي، مرحليوار استعيفائون منظور ڪرڻ بابت اسپيڪر جي قانوني حيثيت آهي، ظاهري طور اسپيڪر جي اختيار ۾ مداخلت سان آرٽيڪل 69 متاثر ٿي سگهي ٿو، عدالت کي مطمئن ڪيو وڃي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم ۾ ڪهڙي کوٽ آهي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پارليامينٽ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ئي اصل فرض آهي، ملڪ جون معاشي حالتون به ڏسو، پي ٽي آءِ کي اندازو آهي ته 123 سيٽن تي ضمني چونڊن تي ڪيترو خرچ ايندو؟

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here