صوبي ۾ 2025 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ

0
83

صوبي ۾ 2025 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، پنج لک 42 هزار 412 متاثرن کي ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي،“ اطلاعات جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته متاثرن کي کاڌو، پاڻي، مڇردانيون ۽ دوائون ڏنيون پيون وڃن، متاثرن ۾ هڪ لک 31 هزار 988 ٽينٽ ورهايا ويا، ڪراچي جي 4 ضلعن ۾ 40 رليف ڪيمپون قائم آهن، ڪراچي جي رليف ڪيمپن ۾ 17 هزار 137، حيدرآباد جي 286 ڪيمپن ۾ 78 هزار 731، سکر ڊويزن جي 568 ڪيمپن ۾ 66 هزار 662 متاثر ترسيل آهن، صوبائي وزير موجب، شهيدبينظيرآباد جي 576 ڪيمپن ۾ هڪ لک 91 هزار 192، لاڙڪاڻي جي 481 ڪيمپن ۾ 2 لک 31 هزار 803 ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي 68 ڪيمپن ۾ 39 هزار 758 متاثر ترسيل آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here