اسلام آباد پوليس جو پارليامينٽ لاجز ۾آپريشن، گرفتاريون

0
148

اسلام آباد: اسلام آباد پوليس پارليامينٽ لاجز ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي محافظ جٿي انصار الاسلام جي موجودگي ۾ ڪارروائي ڪئي
پارليامينٽ لاجز ۾ آپريشن ڊي آءِ جي آپريشن جي حڪم تي ڪيو ويو. ميڊيا کي پارليامينٽ لاجز مان ٻاهر ڪڍيو ويو جنهن بعد پوليس اهلڪار صلاح الدين ايوبي جي لاج جو دروازو ٽوڙي گرفتاريون شروع ڪري ڇڏيون
پوليس جي يو آءِ ايم اين اي صلاح الدين ايوبي کي به گرفتار ڪيو جڏهن ته 10 کان 12 رضاڪارن کي گرفتار ڪيو ويو.ان کان اڳ پوليس اهلڪار پارليامينٽ لاجز پهتا جتي جي يو آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر صلاح الدين ايوبي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي
صلاح الدين چيو ته انصار الاسلام جا ڪارڪن اسان جا مهمان آهن، اسان جا مهمان قانون موجب آيا آهن، ڪارڪنن وٽ هٿيار ناهن. پوليس چيو ته هنن ڪارڪنن کي ٿاڻي تي وٺي هلنداسين
جنهن تي صلاح الدين ايوبي چيو ته توهان مون کي ٿاڻي تي وٺي وڃو، مهمانن کي نه.بعد ۾ آءِ جي اسلام آباد پوليس محمد احسن يونس به معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي چوڪ جي ناڪي انچارج، پارليامينٽ لاجز جي انچارج انسپيڪٽر ۽ لائين آفيسر کي معطل ڪري ڇڏيو
پوليس اهلڪارن پارليامينٽ لاجز جي چوٿين ماڙ تي پهچي صلاح الدين ايوبي جي لاج نمبر 401 کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، پوليس لاج کي ٻنهي طرفن کان گهيري ورتو ۽ ايم اين اي صلاح الدين ايوبي ۽ ايس ايس پي آپريشنز فيصل ڪامران سان ڳالهيون پڻ ڪيون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here