توشا خانا ۽ فنڊنگ ڪيس به عمران خان جو ڪجهه نه ٿا بگاڙي سگهن،“ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته سياسي پريشر ڪڪر سياسي چُلهي تان نه هٽايو ويو ته ڦاٽي پوندو، شهباز شريف بيوس ترين وزير اعظم آهي، شهباز شريف کي سندس پارٽي سان گڏ ايم ڪيو ايم، بي اي پي به اکيون ڏيکاري رهيا آهن، شيخ رشيد موجب، مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف جو ترجمان آهي، مفتاح اسماعيل کان پرچون وارا به محفوظ ناهن، حڪمران مرڪز ۾ پرويز الاهي خلاف سازش سٽي رهيا آهن