پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جي جسماني رمانڊ جي استدعا رد، عدالت شهباز گِل جي ٻيهر ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل کي سخت پهري هيٺ اسلام آباد جي ڊيوٽي جج راجا فرخ علي خان جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عدالت جي ڀرپاسي سخت حفاظتي انتظام، ايف سي جا اهلڪار به مقرر ڪيا ويا، پوليس پاران شهباز گِل جي 8 ڏينهن جي رمانڊ جي استدعا، عدالت جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي شهباز گِل کي اسپتال موڪلڻ جو حڪم ڏنو، عدالت پاران ٻن وڪيلن کي شهباز گِل سان ملاقات جي اجازت ڏني وئي، ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي