سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ اڄ 75 هين جشن آزادي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، آزادي واري ڏهاڙي جي شروعات تي ملڪ جي گادي واري هنڌ 31 ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن تي 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي، چوڏس نعره تڪبير جي نعرن جي گونج، ملڪي ترقي، خوشحالي، ايڪي ۽ امن لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.آزادي هڪ نعمت آهي، پوري قوم کي آزادي جون مبارڪون ڏيون ٿا، قائد اعظم جي جدوجهد سان آزادي نصيب ٿي، لاهور ۾ جهنڊو لاهڻ واري عمل جي مذمت ڪريون ٿا، عمران خان ساڍا 3 سال ملڪي جي جيڪا حالت ڪئي اها ڪنهن کان ڳجهي ناهي، گورنر کان عمران خان ڊڄندو هوندو، اسان جا وڏا ڪنهن کان نه ڊنا، ملڪ جي خاطر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، پاڪستان جي ترقي لاءِ ويڇا وساري سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وقتي گورنر آغا سراج دراني جون مزار قائد تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهيون