ڀارت والاريل ڪشمير کي ڌرتي جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ جارح غاصب طور دنيا آڏو بي نقاب ٿيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرانساني فوجي گهيري کي 3 سال ٿي ويا آهن، آبادي جو تناسب تبديل ڪري ڀارت ڪشميرين جي ڌار تشخص کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو