سپريم ڪورٽ ۾ نيب قانون ۾ ترميم خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي

0
72

سپريم ڪورٽ ۾ نيب قانون ۾ ترميم خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته چيڪ اينڊ بيلنس هجڻ جمهوريت لاءِ تمام ضروري آهي، ڪرپشن اها آهي ته اوهان غير قانوني ڪم ڪريو ۽ اُن جو فائدو ڪنهن کي پهچايو، ڪرپشن بنيادي طور اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ خزاني کي نقصان پهچائڻ آهي، گورننس ۽ حڪومت هلائڻ لاءِ احتساب ضروري آهي، چيف جسٽس موجب هُو گذريل رات کان نيب ترميمن خلاف عمران خان جي پٽيشن پڙهي رهيو آهي، چيف جسٽس درخواست گذار جي وڪيل کي چيو ته هُو ٻڌائي ته ترميمون ڪيئن آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهن، عوام جا ڪهڙا بنيادي حق متاثر ٿيا اُنهن جي نشاندهي ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب ترميمون سڄي ملڪ تي لاڳو ٿينديون، عوامي عهديدار احتساب کان بالاتر ٿي ويندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here