وفاقي ڪابينا اي سي سي جي فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏنو ويو، وفاقي ڪابينا قرار ڏنو آهي ته سپريم ڪورٽ جو ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ڪيس جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي ۽ فيصلي سان آئين جو تحفظ يقيني ٿيو، اجلاس ۾ آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، اين ڊي ايم اي ٻوڏ ۽ برسات واري صورتحال تي بريفنگ ڏني، وزير اعظم شهباز شريف ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته مسئلا حل ٿيڻ سان عوام کي رليف ملندو، هـُو اڳوڻي حڪومت جي وڇايل بارودي سرنگهن کي ناڪاره بڻائي رهيا آهن