عمران خان کي پاڪستان جي سري لنڪا نه بڻجڻ جو ڏک آهي:مريم نواز

0
157

عمران خان کي پاڪستان جي سري لنڪا نه بڻجڻ جو ڏک آهي،“ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پريڊ گرائونڊ ۾ فتنا خان جلسو ڪري رهيو آهي، حڪومت کي دل تي پٿر رکي پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌائڻيون پيو، هي مسئلا سندن پيدا ڪيل ناهن، آءِ ايم ايف پاڪستان سان معاهدو ڪري برو ڪيو، وري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري وڌيڪ بُرو ڪيو، آءِ ايم ايف وارا هاڻي معاهدي لاءِ نڪ سان لڪيرون ڪڍرائي رهيا آهن، عمران خان خزانو خالي ڪري ڇڏيو، اڄ پاڪستان وٽ ڪجهه به ناهي، عمران خان چوي ٿو ته کيس پتو آهي ته تيل جون قيمتون اڃا وڌنديون، اصل ۾ هُن پاڪستان کي سري لنڪا ٺاهڻ جو پورو بندوبست ڪري ڇڏيو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here