واٽس ايپ گروپس کان پريشان صارفين جي لاءِ نئين فيچر تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

0
150

لنڊن: واٽس ايپ صارفين جي آساني لاءِ هڪ ئي زبردست فيچر تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ايپليڪيشن جي سرگرمين تي نظر رکندڙ ويب سائٽس واٽس ايپ بيٽا انفو موجب هن ڀيري ايپ گروپس جي هڪ نئين فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي. ڪيترائي ماڻهو گهڻن گروپن کان تنگ اچي ويندا آهن ۽ سندن اها ڪوشش هوندي آهي ته هو گهٽ کان گهٽ گروپس جو حصو رهن.
اهڙي صورتحال ۾ واٽس ايپ جلد ئي ڪميونٽي نالي فيچر متعارف ڪرائيندو جنهن ۾ 10 گروپس کي هڪ ئي وقت هڪ جڳهه شامل ڪري سگهبو. يعني 10 گروپس جو هڪ فولڊر بڻجي ويندو. گروپس جي ڪميونٽي جوڙيندڙ صارف پاڻ ئي ان جو ايڊمن هوندو ۽ سندس اختيار ۾ هوندو ته ڪهڙا گروپس ان فولڊر جو حصو هوندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here