سپريم ڪورٽ بار صدارتي ريفرنس ۾ آرٽيڪل 63 اَي جي تشريح تي نظرثاني لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

0
90

سپريم ڪورٽ بار صدارتي ريفرنس ۾ آرٽيڪل 63 اَي جي تشريح تي نظرثاني لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ بار جي درخواست ۾ چيو آهي ته عدالت آرٽيڪل 63 اَي جي تشريح بابت 17 مئي جي فيصلي تي نظرثاني ڪري.سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي وئي ته باغي ميمبرن جي ووٽن جي ڳڻپ نه ڪرڻ واري پيراگراف تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ راءِ واپس ورتي وڃي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي راءِ آئين ۾ مداخلت جي برابر آهي، آرٽيڪل 63 اَي موجب باغي ميمبرن کي ئي ڊي سيٽ ڪيو ويندو.سپريم ڪورٽ بار پنهنجي درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو آهي.واضح رهي ته سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي تحت باغي ميمبرن جي ووٽن جي ڳڻپ نه ڪرڻ بابت راءِ ڏني هئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here