چيني خلائي ماهرن چنڊ تي پاڻي جي موجودگي جون وڌيڪ ثابتيون هٿ ڪري ورتيون

0
100

چيني خلائي ماهرن چنڊ تي پاڻي جي موجودگي جون وڌيڪ ثابتيون هٿ ڪري ورتيون، چيني سائنسدانن جو چوڻ آهي ته چنڊ جي ٽَڪرن مان مليل نمونن ۾ پاڻي جو فارمولو ”ايڇ ُٽو او “موجود آهي.چيني سائنسدانن چنڊ جي سطح تي موجود”رَو وَر“چَينگ اي فائيو جي ڊيٽا ۽ نمونن مان چنڊ تي پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف ڪيو آهي.نيچر ڪميونيڪشن ميگزين ۾ڇپيل هڪ تحقيقي رپورٽ م چنڊ جي سطح تي پاڻي جي موجودگي جي دعويٰ سامهون آئي آهي.چيني سائنسدانن موجب 2020ع ۾چنڊ تي ويل گاڏي چَينگ اي فائيو ٽَڪرن مان هٿ ڪيل مٽي جي سيمپلز ۾ پاڻي جي موجودگي جو شاهديون هٿ ڪيون

.سائنسدانن موجب ٽيلي اسڪوپ ۽ سيٽلائيٽ مشاهدي ذريعي ثابت ٿئي ٿو چنڊ جي ٽَڪرن ۾ پاڻي هائڊرو وِڪسل جي شڪل ۾ موجود آهي.سائنسدانن موجب اميد آهي ته مستقبل ۾ دنيا کي سيٽلائٽ ڪالوني بڻائڻ لاءِ خلائي ماهر پنهنجي لاءِ پاڻي ۽ آڪسيجن جي پيداور لاءِ چنڊ جي ماحول مان ماليڪيولر آڪسيجن ۽ هائڊروجن حاصل ڪري سگهندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here