صدر عارف علوي اليڪشن ترميمي بل صحيح ڪرڻ بنا واپس ڪري ڇڏيو، صدر چيو آهي ته هو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ واري حق جو حامي رهيو آهي، حڪومتن، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ انهن معاملن جي پيروي به ڪري پيو، خبر آهي ته ترميمي بل واپس ڪرڻ باوجود ان کي قانون بڻايو ويندو، ووٽنگ مشين جي استعمال سان ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا