انشاءَ الله ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي هوندي، پورو شيئر وٺنداسين، حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو ته پاڪستان کي 110 ڊگري تائين بدلائيندس، هاڻ پنجاب ۾ ويهندس ۽ سڀني سان گڏجي ڪم ڪندس، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي بلاول هائوس لاهور ۾ پ پ عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه، چيائين پنهنجي سياست ڪمزور ڪري پاڪستان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، نرالي لاڏلي جي چئن سالن جي پاليسين سبب اڄ مهانگائي آهي