اعليٰ عدليا ۾ ججز جي مقرري جو موثر طريقيڪار هئڻ گهرجي:جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر

0
122

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته هن 2007 ۾ پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو هو، عدليا جي بحالي بعد بار ۽ بينچ ۾ تعلق مضبوط ٿيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن کي خطاب ڪندي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته اعليٰ عدليا ۾ ججز جي مقرري جو موثر طريقيڪار هئڻ گهرجي.هن چيو ته جڊيشل ڪميشن ۾ جونيئر جي مقرري سان بارز ۽ وڪيل ۾ ڳڻتي جي لهر آهي، بينچز جي جوڙجڪ ۽ ڪيسز جي ٻڌڻي جو شفاف طريقو هئڻ گهرجي.هن چيو ته حساس ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ آزاد جج هئڻ گهرجي، ججز کي وڪيلن ۽ سائيلين سان نرمي سان پيش اچڻ گهرجي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here