پئٽرول قيمتن ۾ واڌ بعد رهيل ريلوي کاتي به ڪسر پوري ڪري ڇڏي، ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو اضافو

0
101

ڪراچي. سامان کڻي ويندڙ مسافر ٽرينن ۾ 10 سيڪڙو ۽ ڪارگو ٽرينن ۾ 15 سيڪڙو ڀاڙن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. ڪارگو ۽ مسافر ٽرينن ۾ 17 جون اڄ کان نوان ڀاڙا لاڳو هوندا. پئٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي کانپوءِ سنڌ جي راڄڌاني شهر ڪراچي ۾ به ٽرانسپورٽرن 40 سيڪڙو ڀاڙن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڀاڙن جي معاملي تي ٽرانسپورٽرن ۽ مسافرن ۾ جهيڙا معمول بنجي ويا. ٽرانسپورٽرز پاران پئٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي سبب ڀاڙڻ ۾ اضافو ڪيو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته پئٽرول ۽ ڊيزل 30 کان 60 روپين جي اضافي تي ٽرانسپورٽرز ڀاڙن ۾ 40 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here