پنجاب جي گورنر اسپيڪر جا اختيار محدود ڪري ڇڏيا، گورنر آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو

0
131

پنجاب جي گورنر اسپيڪر جا اختيار محدود ڪري ڇڏيا، گورنر آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو، پنجاب اسيمبلي جي خودمختياري ختم ڪري اسيمبلي کي قانون واري کاتي جي ماتحت ڏنو ويو، قانون واري سيڪريٽري احمد رضا سرور، سيڪريٽري اسيمبلي جي حيثيت ۾ اختيار سنڀالي ورتا، ايوان اقبال ۾ اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي پهچڻ جون هدايتون، سيڪريٽري قانون احمد رضا سرور، ايوان اقبال ۾ ٿيندڙ پنجاب اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪندو، ذريعن موجب، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي رويي سبب اختيار محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن موجب رولز آف بزنس ۾ آرڊيننس ذريعي ترميمون ڪيون ويون، پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي جون من مستيون ختم ٿي ويون، سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي هاڻي قانون واري کاتي جي ماتحت ڪم ڪندو، پنجاب اسيمبلي جا سمورا نوٽيفڪيشن قانون واري کاتي پاران جاري ڪيا ويندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here