مورو واسڻ شاگردياڻي يوڪرين ۾ ڦاٿل، مدد جي اپيل

0
124

مورو: پاڪستان کان يوڪرين جي شهر پلتاوا ۾ 40 کان وڌيڪ پاڪستاني شهري جنگ جي صورتحال ۾ ڦاٿل آھن

جن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڻ موجود آهن انھن ۾ مورو واسي ناري معصومھ ميمڻ به شامل آھي، جيڪا ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يوڪرين ترسيل آھي

ان سلسلي ۾ هن ھڪ وڊيو بيان جاري ڪندي پاڪستان سفارتخاني کي مدد جي اپيل ڪئي آھي، سندس چوڻ آھي ته اسان وٽ پيسا به ناهن اسان ھتي تمام گھڻو پريشانيءَ ۾ مبتلا آھيون ۽ ھتي پاڪستاني فيمليون پڻ موجود آھن جن ۾ معصوم ٻارڙا به شامل آھن

ھن بيان ۾ اھو به چيو آھي ته ٿي سگھي ٿو اھا وڊيو آخري ھجي تنھن ڪري اسان جي مدد ڪئي وڃي. هن وزير اعظم پاڪستان عمران خان کان پاڪستان واپسي جي مدد جي اپيل ڪئي آهيڍ

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here