پهريون هدف پاڪستان کي سريلنڪا بڻجڻ کان بچائڻ آهي: مفتاح اسماعيل

0
74

ڏکيا فيصلا ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه آپشن نه هو، پهريون هدف پاڪستان کي سريلنڪا بڻجڻ کان بچائڻ آهي، پنهنجي معيشت سڌارڻي پوندي، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس، سندس چوڻ آهي ته تاريخ جا چار وڏا خسارا عمران خان ڪيا، گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ابتڙ تيل تي سبسڊي ڏني، مسئلا حل نه ڪيا ويا ته معيشت ايترو بار کڻي نه سگهندي، گيس ۾ نقصان ٿي رهيو آهي، پتو نه ٿو پوي ته گيس چوري ٿي ويندي يا اُڏامي ويندي آهي، گيس جي شعبي ۾ 400 ارب رُپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي، ڪنهن فيڪٽري کي بند ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ملڪ ۾ جيترا وسيلا آهن، اُنهن مان 5 سيڪڙو به استعمال نه ڪيا ويا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here