ٽنڊي الهيار ۾ پوليس هٿان گرفتار نوجوان فوت، وارثن پاران پوليس تي تشدد ڪري نوجوان کي قتل ڪرڻ جو الزام، پوليس موجب اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ سبب خدا بخش عرف ڀورو خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هُو فوت ٿي ويو، فوتي خدا بخش خاصخيلي جو چوڻ آهي ته سندن نوجوان کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو ۽ نازڪ حالت ۾ ٽنڊوالهيار اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، جنهن کي حيدرآباد نيو ويو، جتي هُو فوت ٿي ويو