انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ کان اڳ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ڪورونا جو شڪار ٿي ويو

0
154

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ڪين وليمسن به ڪورونا جو شڪار ٿي ويو.انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ کان اڳ ڪيوي ڪپتان جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو.ڪين وليمسن ۾ ڪورونا جون علامتون ظاهر ٿيون جنهن سبب هو هاڻي 5 ڏينهن قرنطينه ۾ رهندو.جنهن کانپوءِ رترفورڊ کي نيوزيلينڊ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽام ليٿم کي ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.وليمسن جي غير موجودگي نيوزي لينڊ لاءِ هڪ وڏو جھٽڪو هوندو، ڇاڪاڻ ته ٽيم جا ٽاپ فور – ول ينگ، ليٿم، وليمسن ۽ ڊِيون ڪونوي – لارڊز ۾ پهرين ٽيسٽ شڪست دوران ڪنهن به اننگز ۾ 15 رنسون اسڪور ڪرڻ ۾ به ناڪام رهيا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here