مسلم ليگ جي اڳواڻ عطاءُ تارڙ چيو آهي ته عمران خان ڊائمنڊز ذريعي مني لانڊرنگ ڪندو آهي، ڪروڙين رپين جا هيرو دبئي ۾ وڪرو ڪري پيسا ڪمايا ويا، فرح گوگي پنجاب ۾ ويهي پوري ملڪ تي حڪومت ڪئي، وزيراعليٰ هائوس پنجاب کي پيسا ڪمائڻ جو ذريعو بڻايو ويو، عظميٰ بخاري چيو آهي ته 5 قيرات هيري جي ڪهاڻي اهم آهي، آڊيو جعلي نه، بلڪل حقيقي آهي