يوم تڪبير جي موقعي تي ايٽمي طاقت جي خواب کي حقيقت بڻائيندڙن کي آءِ ايس پي آر پاران ڀيٽا پيش ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هٿياربند فوج هرقسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، 24 سال اڳ 28 مئي 1998 تي پاڪستان گهٽ ۾ گهٽ نيوڪليئر ڊيٽرنس قائم ڪيو، جنهن سان علائقي ۾ طاقت جو توازن بحال ٿيو، هٿياربند فوجون اُنهن سڀني ماڻهن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿيون جن بي لوث ڪم ڪيو، جيڪي ڏکيائين خلاف ثابت قدم رهيا ۽ اُن کي ممڪن بڻايو