پوليس پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي مختلف هنڌن تي روڪي ورتو، لاهور جي بتي چوڪ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران رڪاوٽون هٽائڻ تان چڪريون، علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، ڊاڪٽر ياسمين راشد جي گاڏي جا شيشا ڀڄي پيا، ڊرائيورگرفتار، ڪارڪنن جو پوليس تي پٿراءُ، پوليس پاران مڇريل ڪارڪنن تي شيلنگ، راوي پل وٽ به ڪارڪنن رڪاوٽون هٽائي ڇڏيون، ميانوالي جي مسلم ڪالوني ريلوي ڦاٽڪ وٽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن انتظاميا پاران لڳايل زنجيرون ٽوڙي اڳتي روانا ٿي ويا، پوليس جون فيض آباد انٽرچينج وٽ ڪارڪنن سان چڪريون، ڳوڙها آڻيندڙ شيل فائر، ڪارڪنن جو پٿراءُ، ڪرين وسيلي رڪاوٽون هٽائڻ جون ڪوششون جاري، اسلام آباد ۾ڊي چوڪ ۽ ريڊ زون وارن علائقن جو ڪنٽرول سنڀالڻ لاءِ رينجرز ۽ ايف سي جا تازه دم دستا پهچي ويا