حڪومت پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آءِ ايم ايف جي شرطن تحت ناڻي واري وزارت وياج جي شرح وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، ڪراچي هوائي اڏي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته شوڪت ترين آءِ ايم ايف سان واعدو ڪيو هو ته سبسڊي نه ڏني ويندي، پر 30 رُپي في ليٽر تي ٽيڪس لڳايو ويندو، عمران خان ۽ شوڪت ترين جي فارمولا تحت ڏيڍ سئو رُپيا ڊيزل جي قيمت وڌائڻي پوندي، هنن آءِ ايم ايف سان واعدو ڪيو هو، جنهن جو نتيجو هاڻي حڪومت ڀوڳي رهي آهي، هي هڪ لکيل معاهدو آهي