ملڪ ۾ بجلي جو بحران ختم نه ٿيو

0
164

ملڪ ۾ بجلي جو بحران ختم نه ٿيو، ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ 10 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ، ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 5 هزار 349 ميگاواٽ آهي، پاور ڊويزن جي ذريعن موجب، بجلي جي مجموعي پيدوار 19 هزار 210 ميگاواٽ ۽ طلب 26 هزار 49 ميگاواٽ آهي، پاڻي سان 4 هزار 940 ميگاواٽ، سرڪاري ٿرمل پلانٽس ذريعي هڪ هزار 176 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، نجي شعبي جي بجلي گهرن جي مجموعي پيداوار 9 هزار 858 ميگاواٽ آهي، ونڊ پاور پلانٽس 689 ميگاواٽ ۽ سولر پلانٽس مان 116 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار آهي، بگاس سان هلندڙ پلانٽس ذريعي 156 ميگا واٽ بجلي تيار ڪئي پئي وڃي، جوهري ٻارڻ سان 2 هزار 276 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here