سپريم ڪورٽ پراسيڪيوشن کي هاءِ پروفائل ڪيس واپس وٺڻ کان روڪي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ مقرريون ۽ بدليون به روڪي ڇڏيون، سپريم ڪورٽ ۾ جاچ ادارن جي ڪم ۾ حڪومتي مداخلت بات پاڻمرادو نوٽيس ڪيس تي ٻڌڻي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، عدالت پاران گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ نيب چيئرمين کي نوٽيس جاري، پراسڪيورٽرز، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ هيڊ آف پراسيڪيوشن کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ پُڇاڻو ڪيو ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ڪيسن ۾ جاچ آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪهڙي بنياد تي ڪيون ويون، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب لاهور ۽ ايف آءِ اي ۾ڪيترن ئي آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون، هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ مقررين ۽ بدلين تي ڳڻتي آهي