وفاقي ڪابينا سڌارن کانسواءِ فوري چونڊن جي مخالفت ڪري ڇڏي

0
148

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي.ذريعن موجب ڪابينا جو خيال هو ته ملڪ جي بهتري لاءِ سخت فيصلا اڻٽر ٿي ويا آهن، معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت فيصلا ڪيا وڃن پر غريبن کي رليف ڏنو وڃي.ذريعن موجب اجلاس دوران ڪابينا رٽائرمينٽ ڊائريڪٽري جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪابينا ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي هدايت ڪئي ته هو امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪري.ڪابينا اجلاس دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي برآمد ٻن سالن ۾ وڌائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته برآمد وڌائڻ بابت آءِ ٽي واري وزارت جون سفارشون به منظور ڪيون ويون.ذريعن موجب اسٽيٽ بينڪ طرفان پاڪستان جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي يادگاري نوٽس جي ڇپائي جي سمري رد ڪئي وئي، انهن يادگاري نوٽن جي ڇپائي تي 6 ڪروڙ 64 لک ڊالر خرچ ايندا.ان موقعي تي شهباز شريف جو چوڻ هو ته ملڪ سخت معاشي بحران جو شڪار آهي، بدترين معاشي بحران ۾ ملڪ فضول خرچن جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here