پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ امريڪي ڊالر وڌيڪ هڪ رپيو 23 پئسو مهانگو ٿي تاريخ جي بلند ترين قيمت 193 رپين جو ٿي ويو آهي.ڊالر مهانگو ٿيڻ سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ صورتحال بدستور برقرار آهي، مارڪيٽ ۾ اپ ڊائون ٿي رهي آهي.پي اي ايڪس 100 انڊيڪس ۾ ڪاروبار دوران 130 پوائنٽس جو اضافو ٿيو ۽ انڊيڪس هن وقت 43 هزار 29 تي تريڊ ڪري رهي آهي