ملڪ کي مستحڪم حڪومت جي ضرورت آهي ته جيئن ترقي ڪري سگهي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾1970 کان اقتدار جي ميوزيڪل چيئر هلي رهي آهي، ڪنهن کي به غلط ڪم سان فائدو وٺڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ريمارڪس دوران چيف جسٽس چيو آهي ته بي اعتمادي جي رٿ تي بحث ٿئي ها ته سڀ سامهون اچي ها پر بي اعتماد جي رٿ تي ليو گرانٽ ٿيڻ بعد ڪابه بحث نه ڪرائي وئي، 1960 کان معاملا ٺيڪ نه پيا هلن، آئين ۾ جمهوري طريقي سان ترميم بعد 63 اي کي شامل ڪيو ويو، ڪنهن کي تاحيات نااهل ڪرڻ تمام سخت سزا آهي، سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي لاءِ ڪجهه شرطون مقرر ڪري رکيون آهن