گهڻو ٿي ويو، مون سميت سڀني کي پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي، ڪير چوي ٿو آزاد عدليا کپي، ڪير چوي ٿو آئين جي تابع عدليا کپي، پارليامان، ايگزيڪٽيو ۽ عدليا آئين جي تابع هئڻ گهرجي، آرٽيڪل 63 اي جي صدارتي ريفرنس تي تشريح بابت ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ”آرٽيڪل 63 ون جِي “ عدليا، فوج ۽ نظريه پاڪستان بابت آهي، ان جي ڀڃڪڙي وڌيڪ سنگين ڏوهه آهي، جسٽس اعجازالحسن رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت ئي نااهلي تاحيات آهي،جيستائين نااهلي جي ڊڪليئريشن عدالت ختم نه ڪري نااهلي برقرار رهندي، يوٽيليٽي بلز ادا نه ڪرڻ تي نااهلي تاحيات نه ٿي ٿي سگهي