پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو عالمي دنيا سان ترقياتي معاملن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڊي اي گروپ آف فرينڊز جي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن ۽ ترقي لاءِ عالمي دنيا سان هر محاذ تي گڏ آهي.جِي ڊي اي گروپ آف فرينڊز جي ورچوئل اجلاس ۾ 2030ع جي ايجنڊا تي تيزي سان عمل درآمد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي